عدنان صديقي

عدنان صديقي

عدنان صديقي

عدنان صديقي: فلم ۽ ٽي. وي جي ناليواري اداڪار ۽ ماڊل عدنان صديقيءَ، 23 آڪٽوبر 1969ع تي لاهور ۾ جنم ورتو. هن فني زندگيءَ جو آغاز 1988ع ۾ ماڊلنگ ۽ پي. ٽي. وي تان نشر ٿيندڙ ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ سان ڪيو. هن پي. ٽي. وي جي: عروسا، پل دوپل، هوا ريت اور آنگن، ميري اڌوري محبت، ڇوٽي سي ڪهاني، آئينا، امرائو جان ادا ۽ مهندي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي آهي. ان کان سواءِ هن هم ٽي. وي تان نشر ٿيندڙ ڊرامن: ‘پارسا’، ‘ميري جان’، ‘شدت’، ‘دلدار’، ‘پاڪيزه’، ‘سمي’، ‘آهسته آهسته’، ‘ملاقات’ ۽ ‘ڪتنا ستاتي هو’ ۾ ڪردار ادا ڪيا. عدنان صديقيءَ اي. آر. وائي چئنل تان: منزل، ڪيسا يه جنون، سوچا نه ٿا، ديا جلي، اعتراف، درميان وغيره ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. هن جيو ٽي. وي جي: دوراها، جل پري، صندل، ٿوري سي وفا چاهئي وغيره ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. عدنان صديقيءَ 2007ع ۾ هالي ووڊ جي فلم ‘A Mighty Heart’ ۾ اينجلينا جولي ۽ ڀارتي اداڪار عرفان خان سان گڏجي ڪم ڪيو. 2016ع ۾ پاڪستاني فلم ‘يلگار’ ۾ ڪرنل عمران جو رول ڪرڻ تي کيس تمام گهڻي پذيرائي ملي. ان کان سواءِ هي 2017ع ۾ ڀارت ۾ ٺهندڙ فلم ‘Mom’ ۾ اداڪاره سري ديويءَ سان اهم رول ۾ نظر آيو. ان فلم ۾ پاڪستان جي ناليواري اداڪاره سجل علي سندس ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. عدنان صديقيءَ جو فني سفر جاري آهي. هيءُ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.10.23  عيسوي

فلم ۽ ٽي. وي جي ناليواري اداڪار ۽ ماڊل عدنان صديقيءَ، 23 آڪٽوبر 1969ع تي لاهور ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مراد علي راهمون پروفيسر
سروري مائل
شيخ عبدالوهاب
شهاب الدين شيخ برهانپوري
دودو
بنگل چانڊيو
ابن الياس سومرو
ڀڳونتي لڇمڻ ڪڪڙيجا
پونجراج مل ڪيسراڻي
حڪيم حبيب الله بکري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون